سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وسيم احمد مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ قائم ڪيل مانيٽرنگ سيل جو دورو

vote box

سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وسيم احمد مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ قائم ڪيل مانيٽرنگ سيل جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو آهي، وسيم احمد جو چوڻ آهي ته  اڪثر شڪايتون ذاتي جهيڙن سبب آيو آهن، اهڙي ڪا به شڪايت ناهي ملي، جنهن سان چونڊن جي شفافيت تي ڪو سوال اُٿي.

سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وسيم احمد ۽ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري عمران عطا سومرو اليڪشن ڪميشن پاران مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ قائم ڪيل مانيٽرنگ سيل جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم احمد چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي سڪيورٽي لاءِ 31 هزار اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شڪايتن کانپوءِ ناري تعلقي ۾ فوجي جوانن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

 ايڊيشنل چيف سيڪريٽري چيو ته مڪاني چونڊن دوران شڪايتون اچي رهيون آهن پر اهڙي ڪا به شڪايت ناهي ملي سگهي، جنهن سان چونڊن جي شفافيت تي اثر پوي.

مڪاني ادارن واري سيڪريٽري عمران عطا سومري چيو ته  اهڙي ڪا به شڪايت ناهي ملي، جنهن سان مڪاني چونڊن جي شفافيت تي اثر پوي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*