راڻيپور واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي پئي وڃي، حڪومت چونڊن دوران مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي پر قانون جي ڀڃڪڙي سبب واقعو پيش آيو: نثار احمد کهڙو

nisar-khoro

سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو آهي ته راڻيپور واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي پئي وڃي، حڪومت چونڊن دوران مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي پر قانون جي ڀڃڪڙي سبب واقعو پيش آيو.

سنڌجي سينيئر وزير نثار احمد کهڙي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ پ پ پارليامينٽيرينز جي صدر مخدوم امين فهيم جي عيادت ڪئي.

عيادت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙي چيو ته راڻيپور سانحي جي عدالتي جاچ ٿي رهي آهي، قلم هڪ سئو 44 باوجود ماڻهو پولنگ اسٽيشنز تي هٿيار ڪيئن کڻي آيا، جاچ بعد ان جي خبر پئجي ويندي.

نثار کهڙي چيو ته مڪاني چونڊن دوران سنڌ حڪومت مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي پر قانون جي ڀڃڪڙي سبب راڻيپور وارو واقعو پيش آيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*