صحافين تي ظلم ۽ انصاف نه ملڻ جي خاتمي لاءِ عالمي ڏينهن

juarnalist

گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب گذريل ڏهه سالن دوران سڄي دنيا ۾ عوام تائين ڄاڻ پهچائڻ ۽ خبرن جي رپورٽ ڪرڻ دوران 7 سئو کان وڌيڪ صحافي قتل ٿي چڪا آهن، سراسري طور هر هفتي هڪ صحافي کي فرضن جي ادائيگي دوران قتل ڪيو وڃي ٿو.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2013ع ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو هو، جنهن تحت هر سال 2 نومبر تي سڄي دنيا ۾ صحافين خلاف ڏوهن ۽ انصاف نه ملڻ جي خاتمي لاءِ عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ٺهراءُ ۾ سمورن ملڪن تي زور ڀريو ويو آهي ته هو صحافين تي ظلم ڪندڙن کي سزا نه ملڻ واري روش جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کڻن.

ڪميٽي فار پروٽيڪٽ جنرلسٽس جي سالياني رپورٽ موجب هلندڙ سال پاڪستان اهڙن ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان نائين نمبر تي آهي، جتي صحافين خلاف ڏوهه ڪندڙن کي سزا نه ٿي ملي، ان لسٽ ۾ صوماليا پهرئين، عراق ٻئي، شام ٽئين، فلپائن چوٿين، ڏکڻ سوڊان پنجين، سريلنڪا ڇهين، افغانستان ستين، ميڪسيڪو اٺين، روس ڏهين، برازيل يارهين، بنگلاديش ٻارهين، نائيجيريا تيرهين ۽ ڀارت چوڏهين نمبر تي آهي.

پاڪستان ۾ گذريل سال صحافي ولي خان بابر جي قتل ۾ ملوث 6 جوابدارن کي سزا ملڻ بعد اها اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته صحافين خلاف تشدد ۾ گهٽتائي ايندي، پر منزل اڃا ڏور آهي، باڊهه ۾ قتل ڪيل صحافي شان ڏهر جي وارثن کي اڄ به انصاف نه مليو  آهي.

سنڌ ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين سٿ جا امير بخش بروهي، شاهد سومرو، منير سانگي، اورنگزيب تنيو توڙي جيوڻ آرائين، مشتاق کنڊ ۽ سانگهڙ ۾ علي اڪبر ڪيريو، آفتاب عالم ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي قتل ڪيا ويا آهن.

انگن اکرن موجب 2001ع کان هيل تائين سنڌ ۾ 15 صحافي قتل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ 21، خيبر پختونخواهه ۾ 19، فاٽا ۾ 9، پنجاب ۾ 4 ۽ اسلام آباد ۾ 3 صحافي قتل ٿي چڪا آهن پر پاڪستان ۾ رڳو امريڪي صحافي ڊينيئل پرل ۽ صحافي ولي خان بابر جي قاتلن کي سزا ٻڌائي وئي آهي.

پاڪستان ۾ صحافين تي تشدد ۽ ڏاڍ جا واقعا به گهڻا پيش اچي رهيا آهن، اهڙن واقعن ۾ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ واقعا پيش آيا آهن، 15 سالن دوران 164 صحافين ۽ ميڊيا ورڪر تشدد ۾ زخمي ٿيا آهن، جن مان 91 صحافي سنڌ سان تعلق رکن ٿا، جڏهن ته زخمين ۾ اسلام آباد جا 70 صحافي، 48 پنجاب، 23 خيبر پختونخوا ۽ 14 صحافي بلوچستان  ۾ زخمي ٿيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*