پاڪستان شهري جي عشق ۾ گرفتار چيني شهري مظفر ڳڙهي پهچي وئي، چيني شهري ڊولي جي ڊولي اڌوري رهجي وئي

dholi-cheni

پاڪستان شهري جي عشق ۾ گرفتار چيني شهري مظفر ڳڙهي پهچي وئي، چيني شهري ڊولي جي ڊولي تي نه اٿي پر پوليس کي واپس اسلام آباد موڪلي ڇڏيو…

 پاڪستان شهري جي عشق ۾ گرفتار چيني عورت پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهي پهچي وئي آهي، چيني شهري ڊولي جي ڊولي تي نه اٿي پر پوليس کي واپس اسلام آباد موڪلي ڇڏيو آهي.

 پنجاب جي شهر مظفرڳڙهه واسي امين جي محبت ۾ گرفتار چيني عورت مظفڙهه پهتي پر پوليس کي واپس اسلام آباد موڪلي تعلقي علي پور ۾ امين علي جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڊولي امين کي علي پور جي گهٽي گهٽي ۾ ڳولهيو ۽ ماڻهن کان ان بابت پڇيو پر کيس ڪاميابي نه ملي، جنهن بعد هو پنهنجي دانهن ورنائڻ لاءِ پوليس وٽ پهتي.

ڊولي پوليس کي ٻڌايو ته چين جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ سندس امين سان دوستي ٿي پر امين مظفر ڳڙهه اچڻ کانپوءِ واپس ئي نه موٽيو، تنهن ڪري هو پاڻ آئي آهي.

مظفر ڳڙهه پوليس ڊولي جي مدد ڪرڻ بدران سڪيورٽي خدشن سبب کيس اسلام آباد ۾ چين جي سفارتخاني موڪلي ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڊولي اڳ به مظفر ڳڙهه آئي هئي، کيس واپس چيني سفارتخاني موڪلي ڇڏيو آهي ۽ امين علي جي ڳولهاري ڪئي پئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*