ايم ڪيو ايم سينيٽرز استعيفائون واپس وٺڻ کانپوءِ سينيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت

senate

ايم ڪيو ايم سينيٽرز استعيفائون واپس وٺڻ کانپوءِ سينيٽ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي آهي، سينيٽ چيئرمين رضا رباني رُولنگ ڏيندي چيو آهي ته متحده وارا غير حاضري وارن ڏينهن لاءِ موڪل جي درخواست ڏئي سگهن ٿا.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جا ميمبرز به شريڪ آهن.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني رولنگ ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم احتجاج طور استعيفائون ڏنيون هيون، چيئرمين طور استيعفائن جي تصديق سندس ذميواري هئي.

رضا رباني چيو ته ايم ڪيو ايم ميمبرز غير حاضري وارن ڏينهن لاءِ موڪل جي درخواست ڏئي سگهن ٿا، جڏهن ته قانونسازي دوران غير حاضري تي فريش نوٽيس ڏئي سگهجي ٿو ، جنهن بعد اهي قانونسازي جو حصو سمجهيا ويندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*