ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جي لاءِ 30 امڪاني رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جي لاءِ 30 امڪاني رانديگرن جي نالن جواعلان ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ اهم ڪردار ادا ڪندڙ يووراج سنگهه سميت وريندر سهواڳ، ظهير خان، گوتم گمڀير ۽ هربجن سنگهه ٽيم مان ٻاهر.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ  جي سليڪشن ڪميٽي جي اهم گڏجاڻي گذريل ڏينهن ممبئي ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جي 30 امڪاني رانديگرن جي  نالن جو اعلان ڪيو ويو.

2011 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم مان صرف چار رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ مهيندر سنگهه ڌوني، ويرات ڪوهلي، روي چندرن ايشون ۽سريش رائنا شامل آهن.

2011 جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ واري ڀارتي ٽيم مان سچن ٽنڊوالڪر رٽائر ٿي چڪو آهي، جڏهن ته يووراج سنگهه، وريندر سهواڳ، گوتم گمڀير، هربجن سنگهه۽ظهير خان گذريل هڪ سال کان ٽيم کان ٻاهر آهن.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ نوجوان رانديگرن کي اهميت ڏني آهي.

امڪاني رانديگرن م 10 بيٽسمين ، 9 فاسٽ بالرز، ست اسپنرز ۽ چار وڪيٽ ڪيپرز شامل آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري سنجي پاٽيل جو چوڻ هو ته سليڪشن ڪميٽي وڏي بحث بعد 30 امڪاني رانديگرن جي نالن کي فائنل ڪيو آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر سريندر کنا جو چُوڻ هو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 جي ٽيم ۾ جن رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي، اهي سمورا مڪمل فٽ ۽ گذريل هڪ سال کان ون ڊي ٽيم ۾ کيڏي رهيا آهي، جنهن سبب سليڪشن ڪميٽي کين موقعو فراهم ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*