لاهور جهاز لينڊنگ، جاچ شروع بورڊ قائم

Shaheen-Air-Line-Accident-Lahore

لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي نجي  ايئرلائين جو جهاز وڏي حادثي کان بچي ويو، هنگامي لينڊنگ سبب جهاز جو گيئر ٽٽي پيو ۽  رن وي تي لهندي سمورا ٽائر ڦاٽي پيا، سول ايوي ايشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته لينڊنگ دوران ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، معاملي جي جاچ لاءِ بورڊ قائم ڪئي وئي آهي.

نجي ايئرلائين جو بوئنگ جهاز 7 سئو 37 ڪراچي کان لاهور وڃي رهيو هو ته علامه اقبال ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي.

لينڊنگ دوران جهاز جو لينڊنگ وارو گيئر ٽٽي پيو،  جڏهن ته رن وي تي لهندي ئي جهاز جا سمورا ٽائر ڦاٽي پيا، جنهن بعد جهاز رن وي تي لينڊنگ بدران ڪچي ۾ لهي ويو.

جهاز ۾ 2 سئو 76 مسافر سوار هئا، جن کي حفاظت سان لاٿو ويو آهي، جڏهن ته حادثي بعد ڪجهه وقت لاءِ رن وي بند رهيو.

سول ايوي ايشن جي ترجمان جهاز جي هنگامي لينڊنگ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فوري طور تي امدادي ڪارروايون شروع ڪري رن وي ڪليئر ڪرايو ويو آهي، هنگامي لينڊنگ سبب ڪو به نقصان ناهي ٿيو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ لاءِ سول ايوي ايشن جو بورڊ قائم ڪيو ويو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*