اوٻاوڙي ويجهو شر ۽ ڌونڌا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ رتي ديري ويجهو شر ۽ سهاڳ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان مارجي ويو

rato-diro-mardar

اوٻاوڙي ويجهو شر ۽ ڌونڌا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ رتي ديري ويجهو شر ۽ سهاڳ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان مارجي ويو آهي.

اوٻاوڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ شر ۽ ڌونڌا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار بيهر ڪر کنيو، ڌرين وچ ۾ فائرنگ دوران نوجوان غلام نبي شر مارجي ويو.

واقعي بعد ڌريون مورچا بند ٿي هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪرڻ لڳيون، پر پوليس واقعي واري هنڌ ناهي پهتي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس ڇايل آهي.

رتي ديري ويجهو ڳوٺ شر ۾ سهاڳ ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾  معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد ڪهاڙيون لڳڻ سبب نوجوان علي اڪبر شر مارجي ويو.

واقعي بعد پوليس پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو،پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*