مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ سنڌ جي 15 ضلعن ۾ تياريون جاري

BDelection-logo

مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ سنڌ جي 15 ضلعن ۾ تياريون جاري آهن، حيدرآباد ۾ 786 ۽ نوابشاهه ضلعي ۾ 650 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن.

مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ حيدرآباد، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنز جي 15 ضلعن ۾ 19 نومبر تي چونڊن لاءِ تياريون جاري آهن.

حيدرآباد ۾ اليڪيشن عملي جي تربيت جو سلسلو جاري آهي، جنهن لاءِ هير آباد، لطيف آباد ۽ قاسم آباد ۾ تربيتي سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن.

ضلعي ۾ 776 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 244 مردن ۽ 227 عورتن جون جون هونديون، جڏهن ته 305 پولنگ اسٽيشنز گڏيل طور هونديون.

ضلعي لاءِ مجموئي طور تي 776 پرزايڊنگ آفيسر، 5 هزار 202 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرز ۽ 2 هزار 601 پولنگ آفيسرز ڊيوٽي سر انجام ڏيندا.

مڪاني چونڊن لاءِ نوابشاهه ضلعي ۾ 650 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 154 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي ۽  206 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

ضلعي اندر حساس پولنگ اسٽيشنز تي 10 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، حساس پولنگس تي 8 اهلڪار ۽ نارمل پولنگ اسٽيشنز تي 4 اهلڪار  پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*