اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي بابت سڀاڻي اهم اجلاس سڏائي ورتو

Election Commisioon

اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي بابت سڀاڻي اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي، ٻنهي صوبن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب سميت ٻنهي جا اليڪشن ڪمشنر به شرڪت ڪندا.

 ذريعن موجب، اجلاس ۾ مڪاني چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، سنڌ جو صوبائي اليڪشن ڪمشنر پهرين مرحلي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي سڪيورٽي صورتحال خاص طور راڻيپور ۾ پيش آيل سانحي بابت اجلاس کي بريفنگ ڏيندو.

اجلاس ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ٿيل خرابيون ختم ڪرڻ لاءِ ٻنهي اليڪشن ڪمشنر کان تجويزون پڻ ورتيون وينديون، جڏهن ته اجلاس ۾ اهم فيصلن جو به امڪان آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*