حڪومت، لاهور مان چونڊيل ۽ اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق کي هڪ ڀيرو ٻيره قومي اسيمبلي جو اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ayaz-sadiq12-8

 حڪومت، لاهور مان چونڊيل ۽ اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق کي هڪ ڀيرو ٻيره قومي اسيمبلي جو اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف، راجا ظفر الحق، ظفر اقبال جهڳڙا ۽ ٻين اهم اڳواڻن شرڪت ئي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ سردار اياز صادق، ملڪ پرويز ۽ گلگت بلتستان جي گورنر برجيس طاهر جي نالن تي غور ڪيو ويو.

ذريعن موجب، نواز ليگ جي اڪثريت پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ سردار اياز صادق جي نالي جي حمايت ڪئي وئي، جنهن بعد سموري پارٽي قيادت ان جي نالي تي اتفاق ڪيو.

قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾اسپيڪر جي چونڊ ڪرائي ويندي، نواز ليگ کي اڪثريت حاصل هئڻ سبب اها آساني سان سردار اياز صادق کي ڪامياب ڪرائي سگهي ٿي.

واضح رهي ته سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جو اسپيڪر رهي چڪو آهي، اليڪشن ٽربيونل کيس اين اي 122 تان ڊي سيٽ ڪيو هو، جنهن بعد هن ننڍي چونڊ ۾ ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪئي هئي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*