پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن تڪرارن جي نبيري لاءِ ڳالهين وارو عمل جلد شروع ڪرڻ جو مطالبو

pak-indo-seminar

پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن تڪرارن جي نبيري لاءِ ڳالهين وارو عمل جلد شروع ڪرڻ، عوامي رابطن ۾ رنڊڪون نه وجهڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ٻين شهرن ۾ به ويزا آفيسون کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪراچي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪشمير ۽ سر ڪريڪ سميت سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿا.

اڳوڻي ڀارتي پرڏيهي وزير ماني شنڪر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت جي اڪثريت پاڪستان سان لاڳاپن ۾ بهتري چاهي ٿي ۽ ڳالهين واري ميز تي ئي ٻنهي ملڪن جا تڪرار حل ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته دهلي ۽ اسلام آباد کانسواءِ ٻين شهرن ۾ به ويزا آفيسون کلڻ گهرجن ۽ حڪومتي تڪرار عوامي رابطن ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجن.

سندس چوڻ هو ته لنڊن، دبئي ۽ ٻين ملڪن بدران برابري سطح تي ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، جن ۾ ڪشمير  معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي.

اڳوڻي ڀارتي پرڏيهي وزير ماني شنڪر چيو ته انڌرا گانڌي به ڪشمير  مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو هو، جڏهن ته لاڳاپن جي بهتريءَ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

پاڪستان ۾ ڀارتي سفير ٽي سي اَي راگهوان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جا مسئلا هڪ جهڙا آهن ۽ ڳالهين جي حوالي سان ڀارتي پاليسي ۾ پڻ ڪابه گهٽ وڌائي نه آهي.

هن چيو ته ڀارت غير مشروط ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڳالهين مان فراريت وارو تاثر غلط آهي، ڇوته ڳالهين لاءِ اڳرائي هميشه ڀارت ڪئي آهي.

ڀارتي سفير چيو ته ڀارت دهشتگردي سميت ڪشمير اشو ۽ سر ڪريڪ سميت  سمورن معاملن تي ڳالهيون چاهي ٿو.

هن چيو ته ڪيترن ئي مهينن کان ٻنهي ڊي جي ايم اوز جي ملاقات نه ٿي رهي آهي، ان حوالي سان پاڪستان جي خدشن بابت ڄاڻ نه آهي.

ڀارتي سفير  ٽي سي اَي راگهوان چيو ته هــُو انهيءَ جنريشن سان تعلق رکي ٿو، جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري چاهي ٿي.

ڪانفرنس کي پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن خطاب ڪندي چيو گڏيل تڪرارن جي حل ۾ دير پاڪ-ڀارت لاڳاپن تي منفي اثر ڇڏيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪلڪرنِي سان ڀارت ۾ ٿيل ناروا سلوڪ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرارن جو حل ضروري آهي.

هن چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس، گجرات سانحي ۽ بابري مسجد واقعن کي ڀارت نظرانداز ڪيو، جنهن ڪري پاڪستان ۾ اقليتون پاڻ کي محفوظ ۽ ڀارت ۾ غير محفوظ تصور ڪن ٿيون.

سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته هٿيارن جي ڊوڙ بدران وسيلن کي غربت جي خاتمي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.

وزيراعظم نواز شريف جي پرڏيهي معاملن بابت خاص صلاحڪار طارق فاطمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سٺا لاڳاپا خطي لاءِ به اهم آهن.

هن چيو ته تڪراري مسئلن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ ڀارت پاڪستان جي مخلصاڻين ڪوششن جو مثبت جواب نه ڏنو، ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ بدران عوامي رابطن، ڪرڪيٽرن ۽ اداڪارن جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون.

سندس چوڻ هو ته ڀارت حقيقت ۾ تڪراري مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده نه آهي، خبر ناهي ته ڪنٽرول لائين جي خلاف ورزي پٺيان ڀارت جو ڪهڙو مقصد آهي.

طارق فاطمي چيو ته پاڪستان اڄ به مقصد وارين ڳالهين لاءِ سنجيده آهي ۽ سمورا گڏيل مسئلا ڳلاهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو.

اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد قصوري چيو ته نريندر مودي مان پاڪ-ڀارت لاڳاپن جي بهتري جي اميد رکڻ درست نه آهي، پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپن بنا ڀارت جو ترقي وارو خواب پورو نٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته ڀارت ۾ پاڪستاني گلوڪار غلام علي سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي افسوس آهي، پر خطرن باوجود ڀارتي شهرين غلام علي کي پرفارم ڪرڻ جي دعوت به ڏني.

ڀارت جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سلمان خورشيد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام کي پنهنجي حڪومتن تي ڳالهين لاءِ دٻاءُ وجهڻ گهرجي.

سلمان خورشيد چيو ته بيڪ ڊور ڊپلوميسي يا سڌيءَ ريت ڳالهين ۾ پراڻا تڪرار سرفهرست هجڻ گهرجن، ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جا ڪجهه قدم عوام ۾ وڇوٽيون پيدا ڪري رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*