وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي حوالي سان اڄ اهم اجلاس

qaim ali shah

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان جي حوالي سان اڄ اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، مڪاني چونڊن جي ٻئين مرحلي لاءِ سڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڊي جي رينجرز، چيف سيڪريٽري سنڌ، صوبائي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري سميت ٻيا شريڪ ٿيندا.

اجلاس دوران مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ سڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

ذريعن موجب اجلاس دوران امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جو به جائزو ورتو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*