سپريم ڪورٽ، هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 5 سمز جاري ڪرڻ بابت پي ٽي اي کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو

Supreme-Court-Islamabad-

سپريم ڪورٽ، هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 5 سمز جاري ڪرڻ بابت پي ٽي اي کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي، ڊپٽي اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو آهي ته سمز جاري ڪرڻ بابت آئين تي عمل ڪيو پيو وڃي.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي پنج سمز جاري ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل پيش ٿي جواب جمع ڪرايندي چيو ته سمز جاري ڪرڻ جي حوالي سان قانون تي عمل ڪيو پيو وڃي.

جسٽس انور ظهير جمالي پڇاڻو ڪيو ته ڇا هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي پنج سمز جاري ڪرڻ سان سڪيورٽي جو مسئلو نه ٿيندو.

اٽارني جنرل دليل ڏنا ته هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي پنج سمز جاري ڪري سگهجن ٿيون،ماڻهو مختلف ڪمپنين جون سمز استعمال ڪري رهيا آهن.

عدالت پي ٽي اي کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*