سانگهڙ ۾ ڏاڏي ۽ چاچِي کي قتل ڪرڻ بعد نوجوان جي آپگهات واري معاملي جو نئون رخ

sanghar-press

سانگهڙ ۾ ڏاڏي ۽ چاچِي کي قتل ڪرڻ بعد نوجوان جي آپگهات واري معاملي جو ڊراپ سين، نوجوان جي امڙ رضيه بيگم الزام هڻندي چيو آهي ته سندس پٽ نه ڪنهن کي قتل ڪيو ۽ نه ئي آپگهات ڪيو آهي، غلام مرتضيٰ جا ساليءَ سان ناجائز لاڳاپا آهن، جنهن ڪري پنهنجي پيءُ، زال ۽ ڀائٽيَي کي قتل ڪيو……..

سانگهڙ ۾  مهينو اڳ ڏاڏي ۽چاچيءَ کي  قتل ڪري  آپگهات ڪندڙعمران يوسفزئي جي معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي،  سندس امڙ رضيا بيگم الزام هڻندي چيو آهي ته رحمت الله، شاهدان ۽ عمران کي غلام مرتضيٰ يوسفزئي قتل ڪيو آهي .

 سانگهڙ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رضيا بيگم  يوسفزئي  جو چُوڻ هو ته منهنجي پٽ عمران ڪنهن کي به قتل نه ڪيو هو،نه ئي هن خودڪشي ڪئي،عمران تي ڪوڙي ايف آءِ آرداخل ڪرائي ٽي خون ضايع ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

  عورت دانهيدي  چيو ته غلام مرتضيٰ يوسف زئي جا ساليءَسان ناجائز لاڳاپا آهن، جنهن ڪري هن پنهنجي والد، زال ۽ڀائٽيي کي قتل ڪيو آهي .

  عورت دانهيدي غلام مرتضي پوليس سان ويجها واسطا آهن، جنهن ڪري  هنن ڪابه جاچ نه ڪئي آهي.

 هن  گهر ڪئي  ٽنهي قتلن ۾ ملوث غلام مرتضيٰ کي گرفتار ڪري واقعي جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ….

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*