اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ حساس هنڌن تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Election Commisioon

اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ حساس هنڌن تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته جتي به حالتون خراب ٿيڻ جو امڪان هجي اتي فوج مقرر ڪئي وڃي، پهرئين مرحلي ۾ بي ضابطگيون ٿيون، ٻئي مرحلي ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ فوج جي مقرري جي حوالي تجويزن تي ويچارڻ لاءِ اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا پهرين مرحلي ۾ ڪابه بي ضابطگين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

سانگهڙ جي ڊي آر او درخواست ڪندي تجويز ڏني ته درازا سانحي جا اثر سانگهڙ تي به پئجي سگهن ٿا، مڪاني چونڊن دوران سڄي ضلعي ۾ فوج مقرر ڪئي وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پهرين مرحلي ۾ بيلٽ پيپرز ۾ غلطين سبب پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ٻئي مرحلي ۾ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ حساس هنڌن تي فوج مقرر ڪئي ويندي، جڏهن ته بي ضابطگيون ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيون وينديون.

واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ19 نومبر تي ٿيندي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*