پوجا ڀٽ پنهنجي والد مهيش ڀٽ کي پنهنجو رول ماڊل قرار ڏئي ڇڏيو

پنهنجي وقت جي ڀارتي سپر اسٽار  پوجا ڀٽ پنهنجي والد ۽ مشهور   فلم ڊائريڪٽر  مهيش ڀٽ کي  پنهنجو رول ماڊل قرار ڏئي ڇڏيو.

اداڪارا پوجا ڀٽ جو چوڻ آهي ته سندس والد مهيش ڀٽ سندس پسنديدا فلمسازن مان هڪ آهي جيڪو بهترين فلمون ٺاهيندو آهي. پوجا ڀٽ جو چوڻ هو ته  هو پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي اداڪاري بعد پروڊڪشن ۽ هاڻي هدايتڪاري ڪري رهي آهي پوجا ڀٽ جو چوڻ هو ته سندس هدايتڪاري  ۾ ٺهندڙ فلم ڪبيري جي ريڪارڊنگ هلي رهي آهي جيڪا جلدي مڪمل ڪئي ويندي ۽ اميد آهي ته سندس ايندڙ فلم سڀني کي ڪافي پسند ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*