لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ملٽي ميڊيا سسٽم لاڳو ڪرڻ ۽ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي رجسٽريشن نه ٿيڻ خلاف شاگردن احتجاجي مظاهرو

larkana-student

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ملٽي ميڊيا سسٽم لاڳو ڪرڻ ۽ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي رجسٽريشن نه ٿيڻ  خلاف شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ بيبي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي سيون شاگردن ڪلاسن ۽ رجسٽرار آفيس جي تالا بندي ڪري چانڊڪا ڪاليج جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو آهي.

شاگردن چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ امتحان لاءِ اسڪرين تي سوال لکي ڏيڻ وارو ملٽي ميڊيا سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن سان شاگردن کي امتحان ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن.

هنن چيو ته بيبي آصفا ڊينٽنل ڪاليج جي پي ايم ڊي سي مان رجسٽريشن نه پئي ڪرائي وڃي، جنهن سبب شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي.

شاگردن چيو ته بيبي آصفا ڊينٽل ڪاليج ۾ هلندڙ سال 70 سيڪڙو شاگردن کي فيل قرار ڏنو ويو آهي، جيڪا شاگردن سان نا انصافي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته چانڊڪا هاسٽل ۾ شاگردن کي گهربل سهولتون فراهم ناهن ڪيون ويون ۽ نه وري استادن جي فيڪلٽي پوري ڪئي وئي آهي.

شاگردن مطالبو ڪيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ مان ملٽي ميڊيا سسٽم ختم ڪري بيبي آصفا ڊينٽل ڪاليج جي رجسٽريشن ڪرائڻ سميت ٻيا مسئلا حل ڪيا وڃن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*