سنڌ ۽ پنجاب کانپوءِ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت وڌائي 10 ڪلاڪ مقرر ڪيو ويو

BD-elecation2015

سنڌ ۽ پنجاب کانپوءِ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت وڌائي 10 ڪلاڪ مقرر ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ووٽنگ ساڍي ستين کان ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهندي.

 اسلام آباد مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 30 نومبر تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب کانپوءِ وفاقي راڄڌاني ۾ به پولنگ جو وقت وڌائي 10 ڪلاڪ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، 30 نومبر تي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ووٽنگ صبح جو ساڍي ستين وڳي شروع ٿيندي، جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام جو ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، مڪاني چونڊن دوران ٽرن آئوٽ وڌائڻ ۽ ووٽرز جي سهولت لاءِ پولنگ جو وقت وڌايو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جو اهو به چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ 6 مختلف رنگ جا بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا آهن.

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 30 نومبر تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ به پولنگ جو وقت وڌائي 10 ڪلاڪ مقرر ڪيو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*