لاهور جِي مقامي عدالت جوهر ٽائون ۾ نوجوان کي گاڏي سان ڪچليندڙ ڊي ايس پي جَي پٽ جِي ضمانت بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

lahore-son-of-dsp

لاهور جِي مقامي عدالت جوهر ٽائون ۾ نوجوان کي گاڏي سان ڪچليندڙ ڊي ايس پي جَي پٽ جِي ضمانت بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊي ايس پي پٽ کي بچائڻ لاءِ مختلف هربا استعمال ڪري رهيو آهي.

لاهور جِي مقامي عدالت جي جج جوهر ٽائون ۾ گاڏي سان نوجوان کي ڪچليندڙ ڊي ايس پي جي پٽ طلــــحيٰ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جوابدار کي پيش ڪيو ويو.

جوابدار جي وڪيل استدعا ڪئي ته طلــحيٰ جي عمر گهٽ آهي، کيس جيل نه موڪليو وڃي.

متاثر ڌر جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدار گاڏي سان نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو، سندس والد ڊي ايس پي هئڻ سبب جوابدار کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي  ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*