سنڌ هاءِ ڪورٽ مبينا چائنا ڪٽنگ ي گلستان جوهر واري علائقي ۾ حاصل ڪيل 43 پلاٽ خالي ڪرائڻ کان روڪيندي عملدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم

Sindh High Court Karachi Sindh

سنڌ هاءِ ڪورٽ مبينا چائنا ڪٽنگ ذريعي ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ حاصل ڪيل 43 پلاٽ خالي ڪرائڻ کان روڪيندي ڊي سي ايسٽ ۽ مختيارڪار کي رڪارڊ سميت ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ڊويزن بئنچ مبينا چائنا ڪٽنگ ذريعي گلستان جوهر ۾ حاصل ڪيل 43 پلاٽ خالي ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

43 درخواستگذارن جو موقف آهي ته هــُنن گلستان جوهر بلاڪ 13 جي اسڪيم نمبر 33 ۾ قانون موجب پلاٽ حاصل ڪري گهر تعمير ڪرايا آهن.

درخواستگذارن موجب هاڻي ڪي ڊي اي الاٽمينٽ کي غير قانوني قرار ڏئي گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏنا آهن، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آهي.

عدالت ڪي ڊي اي کي ڄاڻايل پلاٽ خالي ڪرڻ کان روڪيندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي سي ايسٽ ۽ مختيارڪار کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*