سنڌ ۾ تيل ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن کي روزگار ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

Sindh High Court Karachi

سنڌ ۾ تيل ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن کي روزگار ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تيل ڪمپين ۾ هزارين ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن پر مقامي ماڻهن کي روزگار نه پيو ڏنو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ مقامي اين جي او پاران سنڌ اندر تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته دادو، گهوٽڪي، ڄامشورو، مٺي، بدين ۽ ٻين علائقن ۾ ڪمپنيون تيل ۽ گئس ڳولي رهيون آهن، جن ۾ هزارين ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن پر مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين کي ترجيحي بنياد تي مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*