لسٻيلي ويجهو سمنڊ ۾ ماهگيرن جي ٻيڙي اوندي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ماهگير ٻڏي فوت ٿي ويو

lasbila-map

لسٻيلي ويجهو سمنڊ ۾ ماهگيرن جي ٻيڙي اوندي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ماهگير ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 9 ڄڻن کي بچايو ويو آهي .

ڪنڌ ملير واري علائقي ۾ سمنڊ ۾ ملاحن جي ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار 10 ڄڻا ٻڏي ويا.

ڪوسٽ گارڊ واقعي واري هنڌ پهچي پاڻي ۾ ٻڏي ويل ٻيڙي مان 9 ڄڻن کي بچائي ورتو ، جڏهن ته چاڪر خان بلوچ جو لاش ٻاهر ڪڍيو آهي .

سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل چاڪر بلوچ جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سندس لاش ڳوٺ ڏانهن روانو ڪرڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*