سـُپريم ڪورٽ، سنڌ ۽ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ شيشا سينٽر بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme Court pakistan 7-7-15

سـُپريم ڪورٽ، سنڌ ۽ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ شيشا سينٽر بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته شيشا سينٽر نوجوانن کي نشي ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن، ان ڪري ڪارروائي ضروري آهي.

  چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ شيشا سينٽر خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته صوبي مان شيشا سينٽر جي خاتمي بابت بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو التويٰ هيٺ آهي.

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ سال گذرڻ وڃڻ باوجود شيشا سينٽر بابت بل منظور ناهي ڪرايو ويو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته شيشا ۾ نشي آور شيون استعمال ٿي رهيون آهن، جنهن سبب نوجوان نشي جا عادي بڻجي رهيا آهن، سيشا مرڪزن خلاف ڪارروائي ضروري آهي.

عدالت، ڪي پي ڪي جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ شيشا سينٽرز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت، سنڌ ۽ پنجاب جي آءِ جيز کي کان شيشا سينٽرز خلاف ڪارروائي بابت ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پڻ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*