سپريم ڪورٽ، هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي پنج کان وڌيڪ سمز جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

Supreme Issue

سپريم ڪورٽ، هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي پنج کان وڌيڪ سمز جاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 50-50 سمز جاري ٿينديون هيون.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ  پنج کان وڌيڪ سمز رکڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي اي جي وڪيل دليل ڏنا ته کين هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي پنج کان سمز رکڻ جي اجازت واري فيصلي تي ڪو به اعتراض ناهي.

پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته صارفين هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 5 موبائيل سمز ۽  3ڊيٽا سمز رکي سگهن ٿا.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي رمارڪس ڏنا ته ماضي ۾ هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 50-50 سمز جاري ٿينديون هيون عدالت، سڪيورٽي خدشن سبب 5 سمز رکڻ بابت حڪم جاري ڪيو هو.

 عدالت، پي ٽي اي خاطري بعد ڪيس اڪلائيندي صارفين کي هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 5 کان وڌيڪ سمز رکڻ جي اجازت ڏني، جنهن ۾ 3 ڊيٽا سمز ۽ 5 موبائيل سمز شامل هونديون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*