رينجرز ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري جعلي پسٽل ذريعي ڦر وارداتون ڪندڙ زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو

KARACHI-rangras07-9

رينجرز ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري جعلي پسٽل ذريعي ڦر وارداتون ڪندڙ زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته امام بارگاهه باباءِ نجف واري علائقي ۾ چيڪنگ دوران سهيل نالي جوابدار کي روڪي جهڙتي ورتي وئي.

رينجرز ترجمان موجب سهيل سان گڏ سندس گهرواري پڻ هئي، جن وٽان جعلي پسٽل هٿ آيا، جن ذريعي هــُنن ڦر جون وارداتون ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.

رينجرز ترجمان موجب ٻنهي زال مڙس کي پڇاڳاڇا کانپوءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*