ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ مخدوم امين فهيم کي ٽڊاپ ڪرپشن جي ٻن ڪيسن ۾ اڄوڪي ٻڌڻيءَ کان آجو قرار

amen-fahem-new

ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ مخدوم امين فهيم کي ٽڊاپ ڪرپشن جي ٻن ڪيسن ۾ اڄوڪي ٻڌڻيءَ کان آجو قرار ڏيندي ڪارروائي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران مخدوم امين فهيم جو وڪيل پيش ٿيو.

مخدوم امين فهيم جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سندس موڪل جي طبيعت انتهائي خراب هئڻ سبب علاج هيٺ آهي، جنهن سبب اڄ عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.

عدالت ٽڊاپ ڪرپشن جي ٻن ڪيسن ۾ مخدوم امين فهيم کي اڄوڪي ٻڌڻيءَ کان آجو قرار ڏئي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*