ڀارت جي جڳ مشهور ليکڪا ارونڌتي راءِ ڀارت ۾ مذهبي عدم برداشت خلاف احتجاج ڪندي پنهنجو نيشنل ايوارڊ واپس ڪرڻ جو اعلان

aroon-dhadi

ڀارت جي جڳ مشهور ليکڪا ارونڌتي راءِ ڀارت ۾ مذهبي عدم برداشت خلاف احتجاج ڪندي پنهنجو نيشنل ايوارڊ واپس ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اڄ هو ملڪ ۾ مذهبي عدم برداشت خلاف نه اٿيا ته هميشه لاءِ دفن ٿي ويندا.

ارونڌتي راءِ جو چوڻ هو ته ليکڪن ۽ اديبن جي اهڙي تاريخ جو مثال نٿو ملي، هو پنهنجو ايوارڊ واپس ڪري ان تحريڪ جو حصو بڻجي فخر محسوس ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ مذهبي عدم برداشت خلاف اٿي کڙا نه ٿياسين ته اها اسان کي ورهائڻ سان گڏ اسان کي اونهائين ۾ دفن ڪري ڇڏيندي.

ايوارڊ يافته ليکڪا جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن، انهن لاءِ عدم برداشت جو لفظ استعمال ڪرڻ ڪافي نه آهي.

ارونڌتي راءِ کي 1989ع ۾ “اِن وِچ ايني گـــِوَز اِٽ دوز ونس” فلم جي اسڪرين پلي تي نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو هو، ارونڌتي راءِ جي ناول “گاڊ آف  سمال ٿنگس”  جو دنيا ۾ بهترين وڪرو ٿيندڙ ناولن ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو ۽ کيس ان تي مين بوڪر برائز سان به نوازيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*