سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي جيل اندر ٻن دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي قيام لاءِ آءِ جي جيلز نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي جيل اندر ٻن دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي قيام لاءِ آءِ جي جيلز نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
جيل ۾ قائم دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج متعين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس فيصل عرب کي درخواست ڪئي هئي ته عدالتي ڪمرا نه هجڻ سبب ڪيس هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
چيف جسٽس اهڙي درخواست تي سينٽرل جيل ۾ آءِ جي جيلز کي فوري طور تي 2 ڪمرا بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
آءِ جي جيلز فوري طور عدالتن جا ڪمرا ٺهرائڻ لاءِ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.