سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي پاران شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

Sindh-High-Court

سنڌ هاءِ ڪورٽ  لاڙڪاڻي پاران شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڊائريڪٽر نيب  جي نه پيش ٿيڻ تي  ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي شهر ۾ صفائي نه ڪرڻ واري ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾  نسانسڪ جو انچارچ   ۽ ٻيا پيش ٿيا .

عدالت  شهر ۾صفائي نه ڪرائڻ تي  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته  ٻن سال کان وڌيڪ کان وقت ٿي ويو آهي جو اسين هن  هن ڪيس جي ٻڌڻي  ڪري رهيا آهيون پر شهر جي صفائي نه ٿي سگهي  آهي.

 عدالت انچار ج کي ڇنڊ پٽيندي  چيو ته لاڙڪاڻي  شهر جي حالت  ڪڏهن سڌرندي.

 عدالت ۾ ڊائريڪٽر نيب  جي نه  پيش  ٿيڻ تي ٻڌڻي 18 نومبر تي  ملتوي ڪندي نيب ڊائريڪٽر ذاتي طور تي پيش  ٿي  رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو  .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*