اينٽي ڪرپشن جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون

money28-8

اينٽي ڪرپشن جون سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون جاري آهن، ميرپورخاص  ۾ بلڊنگ ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۽ حيدرآباد ۾ اکين جي اسپتال تي ڇاپو هڻي رڪارڊ هٿ ڪيو ويو.

  ميرپورخاص ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ڊسٽرڪٽ بلنڊنگ ڊپارٽمينٽ جي آفيس تي ڇاپو هڻي 2010 کان 2015 جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو.

سرڪل آفسر صفدر علي جوڻيجو جو چوڻ هو ته ڇاپي دوران ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ سنڌ گورنمينٽ جي اسڪيمن جا تفصيل هٿ ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته  ٺيڪيدارن کي ٿيل ادائگي جو رڪارڊ به تحويل ۾ ورتو ويو آهي جنهن موجب مندرن، مدرسن سميت ڪيترين ئي اسڪيمن جي ادائگي ڪئي وئي. پر انهن  عمارتن جو ڪوبه وجود ناهي.

سرڪل آفيسر جو وڌيڪ چوڻ هو ته رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪري سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

حيدرآباد  ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم اکين جي سرڪاري اسپتال تي ڇاپو هڻي دوائن جي خريداري ۽ ملازمن جي ڀرتي وارو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

عملدارن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو جي حڪم تي سرڪاري اسپتالن جي ريجن سطح تي ڪميٽيون قائم ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

عملدارن موجب حيدرآباد ريجن لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد عرفان ڀٽو جي سربراهي  ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي ۽  ڊي ايس ايس پي علي اڪبر حبيباڻي جي سربراهي ۾ ڇاپا مار ٽيم تيار ڪئي وئي آهي.

عملدارن موجب پهرين مرحلي ۾ حيدرآباد جي اکين جي اسپتال تي ڇاپو هڻي رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي، جنهن جي جاچ  ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*