مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين ۽ درازا شريف سانحي خلاف مرزا گروپ بدين جي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو

badin-protest

مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين ۽ درازا شريف سانحي خلاف مرزا گروپ، ن ليگ، ق ليگ ۽ فنڪشنل ليگ جي گڏيل چونڊ اتحاد جو ذوالفقار مرزا، اسلم راهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين جي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو جاري آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته  ٻئي مرحلي واريون مڪاني چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايو وڃن.

مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ مبينا ڌانڌلين ۽ درازا شريف سانحي خلاف مرزا گروپ، ن ليگ، ق ليگ ۽ فنڪشنل ليگ جي گڏيل چونڊ اتحاد جو ذوالفقار مرزا، اسلم راهو عزيز ڏيرو، علي اڪبر نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين جي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو جاري آهي.

ڌرڻي ۾ ضلعي جي مختلف شهرن کان آيل  ڪارڪنن جي وڏي  انگ شرڪت ڪئي آهي، جنهن سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽ ٻين شهرن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ درازا شريف سانحي جا پيرا هڪ ئي هنڌ ڏانهن وڃن ٿا.

ذوالفقار مرزا چيو ته الطاف حسين پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهي ٿو، سنڌ جون وڏيون وڏيون شخصيتون به ان شازش ۾ شامل آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت جا اڪثر وزير ڪرپشن ۾ ملوث آهن، جن چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ڌانڌلي ڪرائي ڪاميابي ماڻي آهي.

ذوالفقار مرزا چيو ته بدين سميت سڄي سنڌ اندر ٻئي مرحلي ۾ فوج جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي، ڊي سي بدين، آر اوز ۽ ايس ايس پي چونڊ ۾ اڻڌريا رهن،  جيڪڏهن هنن ڌانڌلي ڪرائي ته آفيس ۾ ويهي نه سگهندا.

ڊاڪٽرز ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پهريلي مرحلي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ڪرائي وئي ۽ درازا شريف ۾ معصوم ماڻهن کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو.

ڌرڻي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مڪاني چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايو وڃي، ته جيئن ٻيهر درازا شريف جهڙو سانحو  پيش نه اچي ۽ عوام جا حقيقي نمائندا سامهون اچن……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*