پاڪستان دشمن ماڻهو ايوانن ۾ ويٺا آهن، سنڌ جي 700 کان وڌيڪ غريب ماڻهن کي پوليس ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي ماري ڇڏيو آهي: غنويٰ ڀٽو

ghinwah-bhutto

پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان دشمن ماڻهو ايوانن ۾ ويٺا آهن، سنڌ جي 700 کان وڌيڪ غريب ماڻهن کي پوليس ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي ماري ڇڏيو آهي.

حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي غنويٰ ڀٽو چيو ته طالبان جا حامي قومي اسيمبلي ۾ ويٺا آهن، جن خلاف سرڪار ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري.

غنويٰ ڀٽو چيو ته  سنڌ ۾ 700 کان وڌيڪ غريب ماڻهن کي پوليس ڪوڙا مقابلا ڄاڻائي ماري ڇڏيو آهي، پر حڪمران رڳو پنهنجا کيسا ڀرڻ ۾ رڌل آهن.

غنويٰ ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڀيڻ جي سٽنگ پرائيم منسٽر هئڻ باوجود مير مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪيو ويو، پر ان جو هيل تائين کين انصاف ناهي ملي سگهيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*