سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران فوج ۽ رينجرز جي مقرري لاءِ درخواست تي وفاق، صوبائي حڪومت، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري

Sindh High Court Karachi Sindh

سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران فوج ۽ رينجرز جي مقرري لاءِ درخواست تي وفاق، صوبائي حڪومت، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 10 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، نواز ليگ اڳواڻن درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته فوج ۽ رينجرز مقرر نه ڪئي وئي ته درازا جهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا.

نواز ليگ سنڌ جي اڳواڻ اسماعيل راهو ۽ نهال هاشمي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست تي قائم مقام چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ  ٻڌڻي ڪئي.

نواز ليگ اڳواڻن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پوليس مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جنهن سبب راڻيپور جي درازا پولنگ اسٽيشن تي 12 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ اندر مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر نه ڪئي وئي ته درازا جهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا.

عدالت اهڙي درخواست تي وفاق، سنڌ حڪومت، ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 نومبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*