ڪراچي ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري سوشل ميڊيا تي جعلي آءِ ڊيز ٺاهي ڇوڪرين جون تصويرون اپ لوڊ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار

FIA

ڪ

ڪراچي ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري سوشل ميڊيا تي جعلي آءِ ڊيز ٺاهي ڇوڪرين جون تصويرون اپ لوڊ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري هڪ ڊوائيز هٿ ڪري ورتي، ايف آءِ اي اختيارين موجب جوابدار نويد احمد ڇوڪرين جون تصويرون اپ لوڊ ڪري ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندو هو.

ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شهرين جي شڪايتن تي ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران سوشل ميڊيا تي غلط آءِ ڊيز ٺاهي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار نويد احمد کي گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي اختيارين موجب گرفتار ٿيل جوابدار جي قبضي مان هڪ ڊوائيز ۽ ڇوڪرين جون تصويرون هٿ آيون.

ايف آءِ اي اختيارين موجب گرفتار جوابدار غلط آءِ ڊيز ٺاهي ڇوڪرين جون تصويرون شيئر ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*