وزير اعظم نواز شريف لوڌران ۾ ڪسان پئڪيج تحت هارين ۾ چيڪ تقسيم ڪرڻ بعد سيالڪوٽ پهتو

pm-in-syalkot

وزير اعظم نواز شريف لوڌران ۾ ڪسان پئڪيج تحت هارين ۾ چيڪ تقسيم ڪرڻ بعد سيالڪوٽ پهتل آهي، ان کان اڳ وزير اعظم لوڌران لاءِ اڍائي ارب رپين جي ترقياتي پئڪيج ۽ زرعي يونيورسٽي سميت فلائي آور تعمير ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو ڄاڻن ٿا ته هارين سان محبت جون دعوائون ڪندڙن ڪسان پئڪيج تي عمل ۾ رنڊڪ ڇو وڌي، رڪاوٽون نه هجن ها ته ڪسان پئڪيج تي مڪمل عمل ٿي چڪو هجي ها.

وزير اعظم نواز شريف لوڌران ۾ ڪسان پئڪيج تحت هارين ۾ چيڪ تقسيم ڪرڻ کانپوءِ سيالڪوٽ پهچي سهولتي مرڪز جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.

وزير اعظم نواز شريف مختلف سينٽرز جو دورو ڪيو، جنهن دوران عملدارن پاران کيس بريفنگ ڏني وئي.

ان کان اڳ وزير اعظم نواز شريف لوڌران ۾ ڪسان پئڪيج تحت هارين ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 68سالن  کان هارين کي ڪو پئيڪيج نه مليو، نون ليگ حڪومت 341 ارب ارپين جي پئڪيج جو اعلان ڪري تاريخ رقم ڪئي.

هن چيو ته عوام سان محبت جون دعوائون ڪندڙ  ڪسان پئڪيج  جي خلاف آهن، هو ڄاڻي ٿو ته ڪسان پئيڪيج ۾ رنڊڪ وجهندڙ ڪير آهن ؟.

سندس چوڻ هو ته ڪسان پئڪج جو 15 سيپٽمبر تي اعلان ڪيو، پر ان کي غلط رنگ ڏئي هارين جي مدد کان روڪڻ جي سازش ڪئي و ئي، جنهن تي کيس افسوس ٿيو.

وزير اعظم چيو ته ڀاڻ، ٻج ۽ ٽيوب ويل سان گڏ ڊيزل جون قيمتون گهٽائي هارين کي رليف ڏنو ويو، جلد شمسي توانائي تي هلندڙ ٽيوب ويل به آبادگارن کي ڏنيون وينديون.

وزيرا عظم نواز شريف توانائي بحران تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان توانائي بحران جو شڪار آهي، حڪومت جي مثبت قدمن سبب 2017ع تائين ملڪ مان بجلي بحران ختم ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته لوڌران نون ليگ جو سياسي قلعو آهي، جتي گئس، بجلي سميت ٻيون بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ گئس گهٽ هئڻ سبب پرڏيهه مان گهرائي پئي وڃي، ملڪ جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

وزير اعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته گهٽ وسيلن باوجود حڪومت هارين لاءِ 341 ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو، جڏهن ته هارين کي ڏنل چيڪس فوري طور پاس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*