قمبر ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم سول اسپتال ۽ ڊي ايڇ او آفيس تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

qambar-chapo

قمبر ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم سول اسپتال ۽ ڊي ايڇ او آفيس تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل وٺي ڇڏيو، ۽ بدين ۾ ٻيلي کاتي جي آفيس تي ڇاپي دوران رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ گيم انسپيڪٽر ۽ گيم واچر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

قمبر ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نور الله شيخ جي اڳواڻي ۾ ڊي ايڇ او آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

اينٽي ڪرپشن ٽيم سول اسپتال تي به ڇاپو هنيو، جنهن دوران عملي جي غير حاضري سبب ايم ايس کان سمورو حاضري رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ هو ته اسپتال جي حالت انتهائي خراب آهي، جتي ڪير به مريضن جو علاج  ڪرڻ وارو ناهي.

اينٽي ڪرپشن عملدارن جو  وڌيڪ چوڻ هو ته اسپتال ۾ دوائن جي مد ۾ ڪرپشن ٿي آهي، سموري جاچ لاءِ رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

بدين ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ٻيلي کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گيم انسپيڪٽر اعجاز نونداڻي ۽ گيم واچر نور احمد ملاح کي گرفتار ڪري ورتو.

سرڪل آفيسر منير شاهه جو چوڻ هو ته عملدار هڪ شڪاري کان 20 هزار رپيا رشوت وٺي رهيا هئا ته ڇاپو هڻي کين گرفتار ڪيو ويو آهي، رشوت وٺندڙ عملدارن کي تي ڪيس داخل ڪيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*