ڪراچي جي بلديا ٽائون ۾ 6 هٿياربند هڪ نجي بئنڪ مان 40 لک رپين جو ڌاڙو هڻي عملي ۽ صارفين کان موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا

karachi11-9

ڪراچي جي بلديا ٽائون ۾ 6 هٿياربند هڪ نجي بئنڪ مان 40 لک رپين جو ڌاڙو هڻي عملي ۽ صارفين کان موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

بلديا جي اتحاد ٽائون واري علائقي ۾ 6 هٿياربندن هڪ نجي بئنڪ اندر داخل ٿي سڪيورٽي گارڊن ۽ ٻئي عملي کي يرغمال بڻائي ورتو.

جوابدارن بئنڪ عملي تي تشدد بعد 40 لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري ورتي، جڏهن ته ڦورو عملي ۽ صارفين کان موبائل فون ڦر ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا.

پوليس واقعي بعد بئنڪ پهچي عملي کان تفصيل ورتا، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*