لاهور حادثو، فوت ٿيلن جو انگ 46 ٿي ويو

lahore-hadso

لاهور ۾ شاپنگ بيگز تيار ڪندڙ فيڪٽري جي ڪريل عمارت جي ملبي مان فيڪٽري مالڪ سميت وڌيڪ 6 پورهيتن جا لاش ملڻ بعد فوتين جو انگ 46 ٿي ويو آهي، ريسڪيو عملدارن وڌيڪ پورهيت ملبي هيٺان دٻيل هئڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته  ملبي هٽائڻ وارو ڪم وڌيڪ 2 کان ٽن ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو

چار ڏينهن اڳ لاهور جي ملتان روڊ تي قائم سندر انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ پلاسٽڪ جو سامان ٺاهيندڙ فيڪٽري جي 4 ماڙ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ فيڪٽري مالڪ سميت 200پورهيت دٻجي ويا هئا.

ملبي هيٺان دٻيل پورهيتن کي ڪڍڻ لاءِ چوٿين ڏينهن به امدادي ڪارروايون جاري آهن، ريسڪيو ٽيمن  ڪيترائي ڪلاڪ لڳاتار ڪوشش ڪرڻ بعد ملبي هيٺان دٻيل فيڪٽري مالڪ سميت وڌيڪ 6 پورهيتن جا لاش ڪڍي ورتا آهن.

ضلعي انتظاميا موجب،6 پورهيتن جا لاش ملڻ کانپوءِ حادثي ۾ فوتين جو انگ وڌي46ٿي ويو آهي.

ريسڪيو آپريشن دوران 80 کان وڌيڪ زخمين کي ڪڍيو ويو، ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ پاڪ فوج ۽ ٻين امدادي ٽيمن جو ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

ريسڪيو عملدارن وڌيڪ پورهيت ملبي هيٺان دٻيل هئڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته ملبي هٽائڻ وارو ڪم وڌيڪ 2 کان ٽن ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو.

ٻئي پاسي فيڪٽريءَ جي عمارت ڪرڻ جي 50 ڪلاڪن کا نپوءِ هڪ نوجوان پاڻمرادو ڪريل عمارت جي ڍير مان نڪري آيو.

نوجوان جو تعلق خانيوال سان آهي، کيس جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرز موجب پورهيت جي ڄنگهه جي علاج ۾ ڪجهه ڏينهن لڳندا….

ون ويون، جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*