نواز ليگ اڳواڻ سردار اياز صادق اڄ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات

ayaz-sadiq06-11-15

نواز ليگ اڳواڻ سردار اياز صادق اڄ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري رهيو آهي، جنهن بعد هو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندو.

 حڪومت پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اڃا تائين باضابطه طور ڪو به اميدوار نامزد ناهي ڪيو، ان سلسلي ۾ وزيراعظم نواز شريف اڄ سردار اياز صادق کي رائيونڊ طلب ڪري ورتو آهي.

سردار اياز صادق اڄ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪندو، ذريعن موجب وزيراعظم نواز شريف، سردار اياز صادق کي حڪومت پاران اسپيڪر طور اميدوار نامزد ڪرڻ بابت باضابطه طور آگاهه ڪندو.

وزيراعظم سان ملاقات بعد سردارا ياز صادق اڄ يا سڀاڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ سومر تي ٿيندي، پي ٽي آءِ پاران شفقت محمود ۽ فاٽا پاران جي جي جمال کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي اسپيڪر لاءِ سردار اياز صادق جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*