پير پاڳاري جي صدارت هيٺ درازا واقعي بابت اڄ منجهند اهم اجلاس ٿي رهيو آهي

pirpagara

حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري جي صدارت هيٺ درازا واقعي بابت اڄ منجهند اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ حر جماعت جا چيف خليفا ۽ درازا واقعي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين جا وارث شريڪ ٿيندا، اهم فيصلن جو امڪان آهي.

فنڪشنل ليگ سربراهه پير پاڳاري صبغت الله شاهه راشدي جي صدارت هيٺ اڄ منجهند جو ڪنگري هائوس تي اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ حر جماعت جا چيف خليفا، درازا واقعي ۾ مارجي ويل 11 ڄڻن جا وارث ۽ معزز شريڪ ٿيندا.

اجلاس دوران درازا شريف ۾ مڪاني چونڊن جي پولنگ دوران خليفي ورهيام فقير جي ڀائٽيَي ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار نور حسن خاصخيلي سميت 11 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جي حوالي سان ويچاريو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس دوران درازا واقعي ۽ مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي حوالي سان اڄ اهم فيصلن جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*