تنگواڻي ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري چوري الزام هيٺ نندواڻي برادري جي ستن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ٺل ۾ ڪارروائي دوران ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو

tagwani-thul-map

تنگواڻي ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري چوري الزام هيٺ نندواڻي برادري جي ستن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ٺل ۾ ڪارروائي دوران ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

تنگواڻي جَي جمال واري علائقي ۾چوري الزام هيٺ نندواڻي برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي.

پوليس ڳوٺ تي چڙهائي دوران ڳوٺاڻي احمدو نندواڻي سميت ستن ڄڻن کي حراست ۾وٺڻ سان گڏ چوپايو مال به ڍڪ حوالي ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتل ڳوٺاڻن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، بي ڏوهي ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي ٺل جي منگي محلي ۾ پوليس ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪچو شراپ هٿ ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ هزار ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*