سنڌ سرڪار، هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي ڪابينا ۾ ڦير ڦار جو فيصلو ڪري ورتو

qaim ali shah

سنڌ سرڪار، هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائي ڪابينا ۾ ڦير ڦار جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته مڪيش چاولا کان رورل ڊيولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ کاتن جا قلمدان واپس وٺي، ڄام خان شوري حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو  آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن 24 ڪلاڪن اندر جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، سنڌ سرڪار صوبائي ڪابينا ۾ ڦير ڦــــــار جو فيصلو ڪندي سمري تيار ڪري ورتي آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ سرڪار ، مڪيش چاولا کان رورل ڊيولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ کاتن جا قلمدان واپس وٺي ڄام خان شوري حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير جي صلاحڪار ناديه گبول کي وومين ڊيولپمينٽ کاتي جو قلمدان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن موجب، سنڌ سرڪار صوبائي ڪابينا ۾ ڦير ڦار بابت سمري تيار ڪري ورتي آهي، جنهن جو 24 ڪلاڪن اندر نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*