خيرپور پوليس پاران درازا سانحي ۾ ملوث 4 اهم جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ssp-pir-Mohd-Shah

خيرپور پوليس پاران درازا سانحي ۾ ملوث 4 اهم جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي پير محمد شاهه چيو آهي ته ايف آءِ آر ۾ نامزد چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن.

ايس ايس پي خيرپور موجب، پوليس آپريشن دوران درازا شريف سانحي ۾ ملوث اهم جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

پير محمد شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي درازا سانحي جي ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شاهاڻي ڳوٺ، واتڻي ۽ جوڻيجا ڳوٺن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون.

پير محمد شاهه موجب، ڪاررواين دوران فوجي اهلڪار عرفان، لال بخش، شهزادو جوڻيجو ۽ ممتاز مجاهد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پير محمد شاهه جو چوڻ هو ته گرفتار فوجي اهلڪار عرفان دارازا سانحي کان ٻه ڏينهن  اڳ گلگت بلتستان واري علائقي مان خيرپور پهتو هو.

ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدارن تي قتل ۽ ڦر جا 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، جن جي گرفتاري تي 10-10 لک رپيا انعام رکيل هو.

ايس ايس پي موجب، جوابدارن وٽان هڪ 8 ايم ايم رائفل، هڪ ايم پي فائيو، 2 هينڊ گرنيڊ، 2 عدد پسٽل ۽ وڏي تعداد ۾ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته مڪاني چونڊن ج پهرين مرحلي لاءِ پولنگ دوران داراز شريف ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سميت 12 ڄڻا شهيد ٿيا هئا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*