مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين خلاف نواز ليگ ۽ ٻين پ پ مخالفن پارٽين جو ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج

karachi-protest

مسلم ليگ ن صوبائي اليڪشن ڪميشن جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻندي مطالبو ڪيو آهي ته چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرائي ڊي آر اوز ۽ آر اوز جوڊيشل مئجسٽريٽ مقرر ڪيا وڃن، مسلم ليگ ن جي سڏ تي صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس اڳيان اسماعيل راهو، شاهه محمد شاهه، کيئلداس ڪوهستاني، نهال هاشمي، اسلم ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن کانسواءِ سنڌ يونائٽڊ پارٽي جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تياڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان اليڪشن جي پهرين مرحلي کان اڳ ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي فوج جي نگراني ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني هئي پر ان باوجود سندن درخواست تي عمل نه ڪيو ويو ۽ سڀني ڏٺو ته درازا شريف ۾ سر عام 12 ماڻهو قتل ڪيا ويا.

پيپلز پارٽي ڊي آر اوز ۽ آر اوز پنهنجا من پسند ماڻهو مقرر ڪيا، جن ڌانڌلين ذريعي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو، اسان احتجاجي ڌرڻي ذريعي صوبائي اليڪشن ڪمشنر کان هڪ ڀيرو ٻيهر فوج جي نگراني ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.

اسان جو مطالبو آهي ته پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪئي وڃي ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ کي ڊي آر اوز ۽ آر اوز جون ذميواريون ڏنيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*