تنگواڻي ۾ پوليس جِي مبينا زيادتين خلاف جي يو آءِ جَي سڏ تي يوسي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

tagwani-protest

تنگواڻي ۾ پوليس جِي مبينا زيادتين خلاف جي يو آءِ جَي سڏ تي يوسي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جَي يـــو آءِ جي سڏ تي يوسي سعيدو ڪوٽ جي چيئرمين سيد طاهر شاهه، احمّد شاهه، خالد محمود گنڃو ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ سوين ڪارڪنن ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل رهي.

ايس ايس پي ڪشمور عمر طفيل ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پوليس حڪمران ڌر چرچ تي جي يو آءِ ڪارڪنن سميت علائقي واسين سان ظلم ڪري رهي آهي.

هنن الزام مڙهيو ته ايس ايڇ او شبير آباد رهواسين لاءِ عذاب بڻيل آهي، جڏهن ته جي يو آءِ ڪارڪنن کي مسلسل حراسان ڪيو پيو وڃي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري کيس فوري طور هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*