اقتصادي راهداري منصوبي سان ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ تائين دهشتگردي کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي:شهباز شريف

shahbaz-sharif

 پاڪستان، چين ۽ ترڪي ۾ پنجاب ۾ توانائي ۽ هائوسنگ سوسائٽي سميت مختلف منصوبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ  158 معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، شهباز شريف چيو آهي ته اقتصادي راهداري منصوبي سان ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ تائين دهشتگردي کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي.

لاهور ۾ پاڪستان، چين ۽ ترڪي جي واپارين ۾ هڪ سئو 58 معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، چيني سفير سن وي ڊونگ ۽ ترڪي سان تعلق رکندڙ 20 سيڙپڪارن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو ته چين ۽ ترڪي جي سهڪار سان پاڪستان پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

هن چيو ته پنجاب سيڙپڪارن لاءِ محفوظ مرڪز بڻجي ويو آهي، ترڪي ۽ چين سان گڏ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو شاندار موقعو آهي.

شهباز شريف چيو ته چين ۽ ترڪي جي قيادت وزيراعظم نواز شريف جي قيادت تي ڀرپور اعتماد ڪيو آهي، اقتصادي راهداري منصوبي سان نه صرف پاڪستان پر سموري خطي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مصروف آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ تائين دهشتگردي کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*