موجوده ڍانچي تحت خيبرپختونخواهه جي اسپتالن ۾ ترقي وارو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، ڊاڪٽر ڀلي عدالتن ۾ وڃن عوام سان ڪيل واعدو هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو: عمران خان

imran-khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته موجوده ڍانچي تحت خيبرپختونخواهه جي اسپتالن ۾ ترقي وارو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، ڊاڪٽر ڀلي عدالتن ۾ وڃن عوام سان ڪيل واعدو هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو.

پشاور ۾ شوڪت خانم اسپتال جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ٽيچنگ اسپتالن ۾ سڌارن بابت ڪي پي ڪي اسيمبلي مان ايڪٽ قانون موجب پاس ڪيو آهي، جنهن خلاف ڪجهه ڊاڪٽر عدالت ويا آهن پر مسيحائن جي اڪثريت ساڻن گڏ آهن.

 هن چيو ته موجوده نظام تحت خيبرپختونخواهه جي اسپتالن ۾ ترقي وارو خواب پورو نٿو ٿي سگهي، اسپتالن کي بورڊ آف گورنرز جي ماتحت ڪرڻ ۽  صحت جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ ڊاڪٽرن سان مشاورت ڪئي آهي، احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن سان ڳالهين لاءِ به تيار آهيون پر ايڪٽ ۾ ڪا به ترميم نه ڪئي ويندي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته عدالتن جو هميشه احترام ڪيو آهي، توهين جو سوچي به نٿو سگهان، ڊاڪٽرز جي درخواست تي عدالت کيس طلب ڪيو آهي، هـُو عدالت ۾ پيش نه ٿيندو پر سندس وڪيل رڪارڊ پيش ڪندا.

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته پاڪستان ۾ سزا ۽ جزا جو قانون ناهي،  ڪو ٻاهر کان اچي هتان جو نظام درست نه ڪندو، ان لاءِ پاڻ کي ئي قدم کڻڻا پوندا.

عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي جي عوام ڊاڪٽرز کي نه پر پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو آهي، عوام سان ڪيل واعدو هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته شوڪت خانم لاهور مان تجربو حاصل ڪرڻ بعد پشاور ۾ اسپتال قائم ڪئي، ڪراچي ۾ به جلد شوڪت خان اسپتال جو قيام عمل ۾ آندو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*