سڄي دنيا جي ايئرفورس اتر وزيرستان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي:ايئر چيف مارشل سهيل امان

air-marshal-sohil-amann07-9

ايئر چيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته 18 مهينن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سڄي دنيا جي ايئرفورس اتر وزيرستان ۾  دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي.

دبئي ۾ ستين ايئر چيف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هوائي فوج جي سربراهه سهيل امان چيو ته روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ايئرفورس جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هوائي فوج جي حڪمت عملي رول ماڊل آهي، 18 مهينن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هوائي فوج وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

ايئر چيف مارشل چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ آپريشن ضرب عضب ۾ هوائي فوج جو ڪردار انتهائي اهم آهي، سڄي دنيا جي ايئر فورس اتر وزيرستان ۾ هلندڙ آپريشن ۾ پاڪستان ايئرفورس جي ڪارڪردگي کي واکاڻيو آهي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گڏيل عرب امارتن جي ايئر چيف ميجر جنرل ابراهيم چيو ته يمن ۾ سعودي قيادت اهم حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، يو اَي اِي کي ڪو به خطرو ناهي پر تڪرار ضرور آهن.

ستين ايئر چيف ڪانفرنس ۾ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي ايئر چيفس ۽ ايئر فورس جي آفيسرن شرڪت ڪئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*