ڪراچي جَي علائقي لياقت آباد ۾ رينجرز ڪارروائي دوران سياسي جماعت سان واسطو رکندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

karachi-rangers

ڪراچي جَي علائقي لياقت آباد ۾ رينجرز ڪارروائي دوران سياسي جماعت سان واسطو رکندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ڏهن ڄڻن جي قتل سان گڏ 2 ڀيرا ڀارت وڃڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

رينجرز ترجمان موجب، ڳجهي اطلاع تي ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران سياسي پارٽي سان واسطو رکندڙ جوابدار عاصم کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

رينجرز ترجمان چيو آهي ته گرفتار جوابدار عاصم ڏهن ڄڻن جي قتل، ڪراچي ۾ هڙتالن دوران گاڏين کي باهه ڏئي ساڙڻ سميت 2 ڀيرا ڀارت وڃڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

رينجرز ترجمان موجب، ڪارروائي دوران گرفتار جوابدار جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ کائنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*